ڪراچي(پ ر)سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي وفد چيئرپرسن محترمه مهتاب اڪبر راشدي جي اڳواڻيءَ ۾ مرحوم سينيٽر سڪندر علي منڌرو جي گهرواري ڊاڪٽر خالده منڌرو سان عذرخواهي ڪئي. وفد ۾ عورتن جي ترقيءَ جي سيڪريٽري محترمه شبنم موتي ۽ ڪراچي خواتين شاخ جي نائب صدر محترمه سبينا عيساڻي شامل هيون. ڊاڪٽر خالده سان عذر خواهي ڪندي، مهتاب اڪبر راشدي ۽ ٻين، مرحوم ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي سياسي توڙي سماجي خدمتن کي واکاڻيو، جنهن پنهنجي تر ۽ خاص طور سنڌ جي مجموعي طور تي خدمت ڪئي. ڊاڪٽر منڌرو، سنڌ اسيمبليءَ ۾ قانون ۽ پارلياماني معاملن جي وزير جي حيثيت ۾ هميشه مثبت ڪردار ادا ڪيو. مرحوم جي مغفرت لاءِ دعا گهري وئي.










