ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ تاريخ جي بلند ترين وياج جي شرح تي مارڪيٽ ٽريزري بلز جي نيلامي ذريعي 852 بلين رپيا گڏ ڪري ورتا. حڪومت کي 1,593 بلين روپين جون ڪل ٻوليون مليون ۽ 3 مهينن جي ٽي-بلن لاءِ 1,307 بلين روپيا جون سڀ کان وڌيڪ بوليون، 6 مهينن لاءِ 160 بلين روپيا ۽ 12 مهينن لاءِ 125 بلين روپين ۾ قبول ڪيون ويون. مرڪزي بئنڪ پاران سومر تي پاليسي ريٽ ۾ هڪ سيڪڙو جي واڌ بعد وياج جي شرح 17 سيڪڙو تائين وڌي وڄڻ سبب ٽريزري بلز جي ڪٽ آف ييلڊ 94 سيڪڙو بيسس پوائنٽس تائين پهچي وئي آهي. 3 مهينن لاءِ ڪٽ آف ييلڊ 17.9374 سيڪڙو تي پيپر سيٽلد ٿي جيڪا تاريخ جي بلند شرح آهي. جڏهن ته حڪومت 6 مهينن ۽ 12 مهينن جي پيپر سيٽلمينٽ لاءِ بلند بوليون رد ڪري ڇڏيون. حڪومت 650 ارب روپين ٽارگيٽ جي ڀيٽ ۾ تازو نيلامي ۾ 852 بلين رپيا گڏ ڪيا.










