اسلام آباد)بيورو رپورٽ)مهانگائي ۾ ڦاٿل عوام تي بجلي کانپوءِ گيس بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن.ذريعن موجب اڄ ٿيندڙ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي اجلاس ۾ گئس جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گئس جي اگهن ۾ امڪاني اضافو پهرين جنوري 2023ع کان ٿيندو، اي سي سي جي اڄوڪي اجلاس جي هڪ نڪاتي ايجنڊا گيس جي اگهن ۾ واڌ آهي.آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) اڳ ۾ ئي گئس جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو ڪري چڪي آهي، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي هڪ ٻي شرط اي سي سي جي منظوري سان پوري ڪئي ويندي.










