ڪراچي (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق پيٽروليم جي شين جي اگهه ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي خلاف ملڪ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. هن ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته هي سڄو هفتو ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو. هن چيو ته حڪمران بي حس بڻيل آهن، عوام جي آمدني نٿي وڌي پر هي روزانو مهانگائي جا اعلان ٿا ڪن، اھ ۾ گيسد جا اگهه وڌيا، بجلي ۽ پيٽرول جا اگهه وڌڻ سبب عوام بي حال آهي.










