مهانگائي جي شرح سنگل ڊجٽ تائين پهچي وئي آهي: تارڙ

مهانگائي جي شرح سنگل ڊجٽ تائين پهچي وئي آهي: تارڙ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته مهانگائي جي شرح هڪ انگ تائين پهچي وئي آهي، ملڪي روانگي واپار ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ناڻي واڌ ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، اختر مينگل جي اسيمبلي ميمبرشپ تان استعيفيٰ جي معاملي تي خصوصي پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي اختر مينگل سان ملاقات ڪري معاملي کي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن اسد نيازي، جنيد اڪبر، شير افضل ۽ ٻين جي اعتراض واري نقطي تي جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته علي امين خان سان طئي ٿيو هو ته جتي توهان جا خدشا هوندا ويهي انهن کي حل ڪنداسين، خيبرپختونخواهه صوبي تي تمام گهڻو مان آهي، جيترا پڙهيل لکيل ماڻهو خيبرپختونخواهه صوبي مان اچي رهيا آهن اهي ڪنهن ٻئي صوبي مان نه اچي رهيا آهن، فيڊرز کي بند ڪرڻ کان اڳ بهتر آهي ته اسان سان ڳالهه ڪري وٺو. هن چيو ته لائين لاسز ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي لاءِ قدم کڻون ته لوڊشيڊنگ زيرو ٿي ويندي. بلوچستان جي اڳواڻ اختر مينگل جي حوالي سان هن چيو ته اختر مينگل جي معاملو افهام تفهيم سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اختر مينگل جي گذريل ڏينهن اسيمبلي ميمبرشپ تان استعيفيٰ جي معاملي تي خصوصي پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، اها ڪميٽي اختر مينگل سان ملاقات ڪري معاملي کي ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. هن چيو ته اختر مينگل ۽ سندس والد جي بلوچستان ۽ پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن جن کي اسان سڀ تسليم ڪريون ٿا. وفاقي وزير چيو ته مهانگائي جي شرح هڪ انگ تي پهچي وئي آهي، ملڪي روانگي واپار ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ناڻي واڌ ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، واپاري خساري ۾ نمايان گهٽتائي اچي رهي آهي، ايف بي آر ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون ته جيئن ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿئي. هن چيو ته موجوده حڪومت ملڪي معيشت کي مشڪلاتن مان ڪڍي رهي آهي، ملڪي معيشت کي ڊيفالٽ ٿيڻ تان واپس ٽريڪ تي آندو آهي. هن چيو ته اسان جا واپاري انگ اکر مثبت ٿي رهيا آهن، ايف بي آر جا هدف به حاصل ٿيندا…. اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڪراچي ۾ جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون پيون، ڪراچي ۾ پاڻي جي نيڪال جو مسئلو موجود آهي، تازين برساتن دوران ڪي – اليڪٽرڪ احتياطي قدمن تحت 300 فيڊر بند ڪيا، جيڪي واقعا پيش آيا انهن جو تعلق برسات سان آهي، ان ۾ ڪي – اليڪٽرڪ جي ڪا ڪوتاهي سامهون ناهي آئي، لوڊشيڊنگ رڳو انهن علائقن ۾ ڪئي پئي وڃي جتي بجلي چوري يا لائين لاسز وڌيڪ آهن. هو قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن سيد امين الحق، محمد معين عامر پيرزاده، نگهت شڪيل خان ۽ رعنا انصار جي ڪي – اليڪٽرڪ جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي جواب ڏئي رهيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪراچي ۾ تازين برساتن جي ڪري ڪي – اليڪٽرڪ احتياطي قدمن تحت پنهنجي 1800 فيڊرز مان 300 فيڊرز کي بند ڪيو، اهي فيڊرز انهن جاين تي بند ڪيا ويا جتي پاڻي جي نيڪال جو مسئلو هو. هن چيو ته جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن ۾ ڪراچي ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون ٿيون، ڪرنٽ لڳڻ جو ڪو واقعو پيش نه آيو، 24 اهڙا واقعا ٿيا جيڪي گهرن ۾ اندروني وائرنگ ۽ شارٽ سرڪٽ جي ڪري پيش آيا، هڪ ايف آءِ آر داخل ٿي جنهن جي جاچ ٿي ته ان ۾ ڪي – اليڪٽرڪ جي ڪوتاهي سامهون نه آئي. هن چيو ته ڪراچي ۾ تازين برساتن دوران 24 واقعا رپورٽ ٿيا، 24 فوتگيون ناهن ٿيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن کان موجوده حڪومت وجود ۾ آئي آهي، ملڪ ۾ بجلي جي نظام کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، رڳو انهن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي جتي بجلي چوري يا لائين لاسز وڌيڪ آهن، لوڊشيڊنگ انهي تناسب سان ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪي – اليڪٽرڪ سميت بجلي جي ٻين ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي صلاحيتن کي وڌائڻ جي لاءِ قدمن تي مسلسل بريفنگ وٺي رهيو آهي. هن چيو ته ڪيپسٽي جا مسئلا بلڪل نه آهن، ڪجهه علائقن ۾ ٽيڪنيڪل فالٽ جي ڪري لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ٽيڪنيڪل فالٽ نه هجي ته لائين لاسز يا بجلي چوري جي ڪري لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي م ڪجهه واقعا ٿيا جن جو تعلق برسات سان آهي، ان ۾ ڪي – اليڪٽرڪ جي ڪا ڪوتاهي نه ڏٺي وئي. هن چيو ته ڪي – اليڪٽرڪ جي حوالي سان معاملو ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي ته جيئن اسيمبلي ميمبر جا خدشا ختم ٿي سگهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪي – اليڪٽرڪ سولر ۽ ونڊز پاور پراجيڪٽس جي حوالي سان پنهنجي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ ڪوشش ڪئي آهي، ان ۾ 7 بڊز آيون آهن، شفاف طريقي سان سولر ۽ ونڊز پاور جا پراجيڪٽ هنيا ويندا، ان سان ڪراچي جا ڪيترائي مسئلا حل ٿيندا. ڪراچي ۾ پاڻي جي نيڪال جو مسئلو موجود آهي، جنهن جي ڪري احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻيون پون ٿيون. 300 فيڊرز به انهي جي ڪري بند ڪيا ويا. هن چيو ته ڪيپسٽي پيمنٽس جي حوالي سان نيشنل ٽاسڪ فورس قائم آهي جيڪا پوري آءِ پي پيز جي نظام تي نظرثاني ڪري رهي آهي. ڪي – اليڪٽرڪ جي منصوبن تي پڻ ٽاسڪ فورس نظرثاني ڪندي، جيڪي خدشا آهن انهن کي ختم ڪيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنهن به اداري جي بجيٽ جي تياري ۾ ان جي آپريشنز ۽ مينٽيننس جي لاءِ جدا فنڊز رکيا وڃن ٿا، انهن فنڊز کي مرمت وغيره جي ڪمن تي خرچ ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته جولاءِ دوران معمول کان وڌيڪ برساتون ٿيون، جيڪي مسئلا آيا آهن اهي مرمت جي ڪم جي ڪري نه پر پاڻي جي نيڪال جي ڪري هئا. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب سان ان معاملي ۾ سٺي ڪوآرڊينيشن رهي آهي، پاڻي جي نيڪال جي حوالي سان هن تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. توانائي واري وزير کي درخواست ڪنداسين ته ڪي – اليڪٽرڪ جي مينٽيننس بجيٽ وڌائي وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ خيبرپختونخواهه ۾ ڪجهه ماڻهن گرڊ اسٽيشن تي حملو ڪيو ۽ زبردستي فيڊرز آن ڪيا، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سان خوش اسلوبي سان معاملا هلي رهيا هئا، جهڙي طريقي سان گرڊ اسٽيشن تي وڃي فيڊرز کي آن ڪيو ويو اهو ڪنهن وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهجيو پئي. خدا نه ڪري جيڪڏهن ڪا گرڊ اسٽيشن ٽرپ ڪري وڃي ته ان جو تمام گهڻو نقصان ٿيندو. پيسڪو ان معاملي تي قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، اسان جي درخواست آهي ته انهن معاملي کي افهام تفهيم سان حل ڪيو وڃي، گرڊ اسٽيشن تي حملو ڪرڻ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو