اسلام آباد (پ ر) وفاقي حڪومت اڳ ۾ ئي مهانگائي کان پريشان ملڪ جي عوام تي مهانگائي جووڌيڪ پهاڙڪيرائي ڇڏيو، 7 مهينن ۾ ٽيون ڀيرو تيل جي اگهن ۾ واڌ، پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل في ليٽر 6 روپيا، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل في ليٽر 3 روپيا مهانگو ڪيا ويا آهن. اوگرا جي پريس رليزموجب وفاقي حڪومت پيٽرول هاءِ آڪٽين۽ ڊيزل جي في ليٽر 6 روپيا، گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر تي به 3 روپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي. پيٽرول جي في ليٽر تي 6 روپين جي اضافي کان پوءِ في ليٽر پيٽرول جي قيمت 92 روپيا 89 پيسن کان وڌي 98 روپيا 89 پيسا ٿي وئي آهي، اهڙي ريت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 6 روپين جي واڌ کان پوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر جي قيمت 111 روپيا 43 پيسن کان وڌي 117 روپيا 43 پيسا ٿي وئي آهي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 3 روپين جي اضافي کان پوءِ لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر جي قيمت 77 رپيا 54 پيسن مان وڌي 80 روپيا 54 پيسا ٿي وئي آهي، جڏهن ته گاسليٽ جي في ليٽر تي 3 روپين جي اضافي کان پوءِ گاسليٽ جي في ليٽر جي قيمت 86 روپيا 31 پيسن مان وڌي 89 روپيا 31 پيسا في ليٽر ٿي وئي آهي. نيون مقرر قيمتون آچر ۽ سومر جي وچ واري رات 12 وڳي کان پوءِ لاڳو ٿينديون ۽ هي قيمتون پهرين اپريل کان 30 اپريل تائين لاڳو هونديون. اهڙو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، ناڻي واري وزارت پاران ان ڏس ۾ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اوگرا پاران في ليٽر پيٽرول جي قيمتن ۾ 11 روپيا 91 پيسا واڌ ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي پر وفاقي حڪومت 6 روپيا في ليٽر تي قميت وڌائڻ جي منظوري ڏني. جڏهن ته اوگرا هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر تي 11 ورپيا 17 پيسا واڌ ڪرڻ جي سفارش ڪئي پرحڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر تي 6 روپيا اضافو ڪرڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر تي اوگرا پاران 6 روپيا 49 پيسن جي واڌ جي سفارش ڪئي وئي پر حڪومت 3 روپين جي واڌ ڪئي آهي. اهڙي ريت اوگرا گاسليٽ جي في ليٽر تي 6 روپيا 65 پيسا وڌائڻ جي سفارش ڪئي پر وفاقي حڪومت گاسليٽ جي في ليٽرتي 3 روپين جي واڌ جي منظوري ڏني آهي. واضح رهي ته پي ٽي آءِ حڪومت 7 مهينن ۾ ٽيون ڀيرو تيل جو اگهه وڌايو آهي ۽ ملڪ اندر مهانگائي سبب سخت پريشان عوام جي پريشانين ۾ وفاقي حڪومت وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو وڌيڪ فيصلو ڪندڙ ۽ مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج
پي ٽي آءِ وارن سان ملڪ دشمن جهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي: خواجا آصف
اڊيالا جيل ۾ دهشتگرد حملي جو خدشو ظاهر
عدالتي معاملن ۾ مداخلت، بار جو سپريم ڪورٽ سان رابطو
قادر پٽيل جي ڪاميابي چئلينج، عدالت نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا
نواز شريف چوندو آهي ته پاڙيسري سان نه وڙهڻ گهرجي: مريم نواز