من موهن ڪرتارپور ايندو، موديءَ ۽ رام ناٿ طرفان دعوت قبول

نئين دلي (ڊيسڪ نيوز) ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم من موهن سنگهه سک مذهب جي باني گرو نانڪ جي جنم واري ڏينهن پاڪستان ۾ واقع ڪرتارپور ۾ ٿيندڙ تقريبن ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪئي آهي. من موهن سنگهه کي اها دعوت ڀارتي پنجاب جي وزيراعليٰ امريندر سنگهه پاران ڏني وئي. ان سلسلي ۾ ڀارتي اخبار ٽائمز آف انڊيا خبر ڏني آهي ته امريندر سنگهه پاران من موهن سنگهه سان خصوصي ملاقات ڪئي وئي. ملاقات بعد ڀارتي پنجاب جي وزيراعليٰ آفيس مان جاري ٿيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته من موهن سنگهه بابا گرو نانڪ جي سالگرهه تقريب ۾ شرڪت جي پڪ ڏني آهي. اهڙي دعوت ڀارتي وزيراعظم نريندر موديءَ ۽ ڀارتي صدر رام ناٿ ڪووند کي به ڏني آهي جن اها دعوت قبول ڪئي آهي. ڀارتي ميڊيا ۾ اهي خبرون به آيو ته پاڪستاني حڪومت پاران نريندر موديءَ ۽ رام ناٿ کي ڪرتارپور راهداريءَ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي باضابطه دعوت ناهي ڏني وئي ان باوجود هو ڪرتارپور جو دورو ڪندا. ٻئي طرف ڀارتي پنجاب جي وزيراعليٰ اهڙي صورتحال کي ذهن ۾ رکندي بيان ڏنو آهي ته اسان به راهداريءَ جي افتتاحي تقريب ۾ نه پر بابا گرونانڪ جي سالگرهه تقريبن ۾ شريڪ ٿينداسين ۽ من موهن سنگهه به ڪرتارپور جو دورو پاڪستان حڪومت جي دعوت تي نه ڪندو. جڏهن ته پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير چيو هو ته ڪرتارپور راهداريءَ جي افتتاحي تقريب ۾ اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه کي دعوت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن ڏينهن گرو نانڪ جي جنم ڏينهن جون تقريبون ٿينديون ڪرتارپور راهداريءَ جو افتتاح به ان ڏينهن ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو