لاهور(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي حاضري کان مستقل ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.لاهور جي احتساب عدالت جي جج قمر الزمان مني لانڊرنگ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي به ٻڌڻي ڪئي.عدالت وزيراعظم شهباز شريف جي حاضري کان مستقل ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي شهباز شريف کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ نمائندو مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.عدالت حمزه شهباز جي مستقل حاضري کان ڇوٽ واري درخواست تي نيب کان جواب طلب ڪندي سندس هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.










