مني لانڊرنگ ڪيس: مونس الاهي ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ

مني لانڊرنگ ڪيس: مونس الاهي ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي بينڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مونس الاهي ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي لاهور جي بئنڪ ڪورٽ ۾ مسلم ليگ ق جي اڳواڻ مونس الاهي خلاف 24 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ شريڪ جوابدار محمد خان ڀٽي ۽ واجد احمد عدالت ۾ پيش ٿيا.مونس الاهي ۽ ٻيا جوابدار ضمانت ۾ واڌ لاءِ بينڪنگ ڪورٽ لاهور ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي عدالت ۾ بيان ڏنو ته جوابدار جاچ ۾ شامل ٿي ويا آهن، ڪيس جو 47 سيڪڙو رڪارڊ ملي چڪو آهي. واؤچرز کي ڏسي رهيو آهي، اهو مڪمل ٿيڻ ۾ وقت وٺندو آهي.ايف آءِ اي جي بيان تي عدالت چيو ته عبوري ضمانت اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي نٿي ڪري سگهجي، ايندڙ تاريخ تائين جاچ مڪمل ڪئي وڃي، جوابدارن جا وڪيل تيار ٿي اچن.عدالت مونس الاهي ۽ ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 14 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو