مني لانڊرنگ ڪيس، مونس الاهي ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت واڌ

مني لانڊرنگ ڪيس، مونس الاهي ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت واڌ

لاهور(ويب ڊيسڪ)مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي لاهور بينڪنگ ڪورٽ جي جج جي موڪل سبب بنا ڪنهن ڪارروائي جي ملتوي ڪئي وئي. مونس الاهي ۽ ٻين جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 22 جولاءِ تائين واڌ ڪئي وئي.عدالت ڊيوٽي جج جي اجازت سان ڪيس جي ٻڌڻي 22 جولاءِ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عدالت مونس الاهي جي ضمانت ۾ اڄ تائين واڌ ڪري ڇڏي.عدالت گذريل ٻڌڻي تي ايف آءِ اي کي جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

  اليڪشن کٽينداسين: مونس الاهي

بئنڪنگ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ق جي اڳواڻ مونس الاهي چيو ته 17 جولاءِ جي اليڪشن اسان کٽينداسين، جيڪڏهن هي اليڪشن صحيح ٿي ته 22 جولاءِ جي اليڪشن به صحيح ٿيندي.صحافي مونس الاهي کان سوال ڪيو ته چيو پيو وڃي ته هو ضمني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ اميدوارن جي مهم نه هلائي رهيو آهي.صحافي جي سوال جو جواب ڏيندي مونس الاهي چيو ته پي ٽي آءِ کان پڇو ته اسان مهم هلائي رهيا آهيون يا نه، مهم هلائي رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو