ڪراچي (شوبزنيوز)اداڪارا منال خان تي هالي ووڊ ماڊل ڪائيلي جينر جي انسٽاگرام اسٽوري ڪاپي ڪرڻ کانپوءِ ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي، جنهن کانپوءِ اداڪارا کي سوشل ميڊيا واهپيدارن سميت شوبز شخصيتن طرفان کل جوڳي ردعمل جو منهن ڏسڻو پيو هو.سوشل ميڊيا تي مسلسل تنقيد کانپوءِ هاڻي انسٽاگرام اسٽوري ذريعي اداڪارا تنقيد ڪندڙڻ کي جواب ڏنو آهي.پنهنجي اسٽوري ۾ اداڪارا لکيو ته هي منهنجو انسٽاگرام آهي مان اتي جيڪو چاهيان اُهو پوسٽ ڪنديس ۽ هي منهنجي زندگي آهي جيئن چاهينديس تيئن جيئنديس.هن وڌيڪ چيو ته مون وٽ پنٽريسٽ سميت ڪيئي ايپس آهن ۽ مونکي اهڙيون تصويرون پسند آهن، جيڪي مان پوسٽ ڪندي رهنديس.










