عدليا اسانجي بنيادي آئيني حقن جو تحفظ ڪري: عمران خان

لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجي آواز کي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيل کان نٿو ڊڄان، موت کي تمام ويجهو ڏٺو آهي.عمران خان چيو ته ظلم ۽ ناانصافي خلاف بيهڻ جهاد آهي، مديني جي رياست ۾ عدل ۽ انصاف آيو ته پوءِ خوشحالي آئي، نيلسن منڊيلا چيو ته جيڪڏهن غربت گهٽائڻ چاهيو ٿا ته پهريان انصاف آڻيو.هن چيو ته مان عدليه ۽ وڪيل برادري کي مخاطب ڪري رهيو آهيان، الله اوهان کي وڏي ذميواري سونپي آهي، اوهان جنهن طرف وڃي رهيا آهيو ان ۾ ملڪ جو ڪو به مستقبل ناهي، قانون ۽ انصاف جون دانهون ٿي رهيون آهن، معزز ججن ۽ وڪيلن کي اپيل آهي ته. مان اوهان سڀني لاءِ بيٺو آهيان، منهنجي سموري جدوجهد اوهان لاءِ آهي.هنن چيو ته منهنجي آواز کي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، فواد چوڌري کي ڇو گرفتار ڪيو ويو؟ مان قوم کي ٻڌايان ٿو ته توهان جو مستقبل توهان جي هٿن ۾ آهي، توهان الله کان پوءِ هن ملڪ جا وارث آهيو.اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته مان جيل کان نٿو ڊڄان، پريشان نه ٿيو، توهان کي به جيل کان ڊڄڻ جي ضرورت ناهي، ڪنهن کي ڪنهن کي جيل ۾ وجهندا. هن چيو ته هو ڪيس عدليه ڏانهن کڻي وڃي رهيا آهن، کين انصاف جي اميد آهي، مشرف جي مارشل لا دوران مون کي جيل ۾ وڌو ويو پر مون اهڙي صورتحال ڪڏهن به نه ڏٺي آهي، مون کي تحفظ نه ڏنو ويو آهي. هن چيو ته مان عدليا کي چوان ٿو ته هو اسانجي بنيادي آئيني حقن جو تحفظ ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو