ميهڙ (غلام حسين پنھور) 2 سال اڳ هٿياربندن هٿان قتل ٿيل پ پ يوسي ٻليدائي جو چيئرمين رئيس ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن چانڊيا تمندار ڪائونسل جي چيئرمين رئيس مختيار چانڊيو ۽ ضلعي ڪائونسل دادو جي ميمبر قابل چانڊيو جي قتلن ۾ ملوث مک جوابدار اڃان تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا. مقتولن جي وارث سندن نياڻي ام رباب چانڊيو، پرويز احمد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ٽنهي شھيدن جي خون سان انصاف لاءِ چانڊيا هائوس کان شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي گهنٽا گهر چونڪ نيشنل پريس ڪلب ميهڙ تائين ريلي ڪڍي ٽاور چوڪ وٽ شھيدن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ رت جا ڏيئا ٻاري احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ ام رباب چانڊيو ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ سائين جي ايم سيد جي سالگره فضل راهو جي ورسي ۽ شهداءَ ميهڙ جو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو آئون سندس خراج تحسين پيش ڪيان ٿي. هن چيو ته ظالم قاتلن اسان سان انتهائي ظلم ڪيو اسان جي گهر سميت پوري سنڌ جي ماڻهن جي اک لڙڪن سان ڀريل آهي سنڌ حڪومت ۽ موجوده وزيرعليٰ سنڌ منهنجي ڏاڏا والد ۽ چاچا جي قتل ۾ ملوٽ سرادر خان چانڊيو ۽ ملوث ٻين قاتلن جي ساٿاري بڻيل آهي پر هي سنڌ جي نياڻي سرداري نظام خلاف علم کنيو آهي ۽ سرداري نظام جي خاتمي تائين هي جدوجهد جاري رهندي. هن چيو ته اسين عدالت مان پر اميد آهيون اسان کي انصاف ملندو جڏھن ته ٽنهي قتلن جو ڪيس نوشهروفيروز، دادو، سکر عدالتن کان پوءِ هن وقت ميرپور ماٿيلي ۾ هلي رهيو آھي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ پوليس جي نااهلي سبب هن وقت تائين قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن ۽ سنڌ پوليس امن ڪرائڻ ۾ به بلڪل ناڪام آهي سنڌ سميت ميهڙ ۽ دادو ضلع ۾ امن تباه ٿي ويو آهي چوريون ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. ام رباب چانڊيو ميهڙ جي ماڻهن سان مخاطب ٿيندي چيو ته ميهڙ جي عوام ننڌڻڪي نه آهي هي نياڻي ميهڙ جي هر مسئلي تي اوهان ميهڙ واسين سان گڏ آهي جڏهن ته هن ايس ايس پي دادو کان پرزور مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ميهڙ ۾ امن بحال ڪرائي چوريون ۽ ڦرون ٿيل واپس ڪرائي ڏنيون وڃن. هن چيو ته ميهڙ ۾ امن امان سميت ٻيا بنيادي مسئلا حل نه ٿيا ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.










