اسلام آباد(بيورو)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن منع يا پرڏيهي فنڊنگ ثابت ٿي ته اليڪشن ڪميشن فنڊ ضبط ڪرڻ لاءِ ريفرنس موڪليندو. سندس چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ريفرنس کانپوءِ حڪومت آرٽيڪل 17 تحت گهرو وزارت ذريعي سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪندي.ڪنور دلشاد چيو ته سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪندي، تحريڪ انصاف خود حڪومت آڏو فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگهي ٿي.سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته پنڊورا باڪس کلي ويندو، اڪبر ايس بابر وٽ اهڙا رڪارڊ موجود آهن.اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري اهو به چيو ته پارٽي ڪالعدم ٿيڻ جي صورت ۾ سمورا اسيمبلي ميمبر ڪالعدم ٿي ويندا، آفيسون ۽ اڪائونٽس ضبط ڪيا ويندا.










