لاهور )ويب ڊيسڪ)لاهور جي اينٽي ڪرپشن عدالت ترقياتي منصوبن ۾ مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي.ترقياتي منصوبن ۾ مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ پرويز الاهي جي عبوري ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.پرويز الاهي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پرويز الاهي کي سيني ۾ درد آهي، عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿي سگهي.پراسيڪيوشن دليل ڏيندي چيو ته پرويز الاهي جو ميڊيڪل جعلي آهي.عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته رپورٽون ڏيکاريو هاڻي فيصلو ڪندس.لاهور جي اينٽي ڪرپشن عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪندي ميڊيڪل رپورٽس فوري طور تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










