منشيات ۽ ڏوهارين خلاف بنا دير ڪاروايون ڪرڻ جو حڪم

منشيات ۽ ڏوهارين خلاف بنا دير ڪاروايون ڪرڻ جو حڪم

ٽنڊو محمد خان (ن سنڌيار) ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عبدالله ميمڻ پاران سموري ضلعي جي ڊي ايس پيز انويسٽيگيشن ڊي ايس پيز ايس ايڇ اوز انچارج ليگل برانچ ۽ تمام چوڪي انچارجن کي ميٽنگ دوران هدايتون جاري ڪيون خبر موجب ايس ايس پي ٽنڊو محمدخان عبدالله ميمڻ پاران سموري ضلعي جي تمام ڊي ايس پيز ايس ايڇ اوز ۽ چونڪي انچارجن جي ميڻنگ سڏائي ورتي ميٽنگ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عبدالله ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿي گذري ميٽنگ دوران ايس ايس پي عبدالله ميمڻ تمام ڊي ايس پيز ايس ايڇ از سميت چونڪي انچارن کي سختي سان هدايتون جاري ڪندي چيو ته سموري ضلعي اندر منشيات سماجي برايون عام ڪندڙ منشيات فروشن سميت ايڪٽيو ڪرمنلز ڏوهارين ۽ غيرقانوني هٿيار رکندڙ ۽ هٿيارن جي نمائيش ڪندڙ ڏوهارين خلاف بنا فرق جي بنا دير ڪاروائي کي يقيني بڻايو وڃي ڏوهاري ڪيڏوبه ڇو نه بااثر هجي ان خلاف فورن ايڪشن کنيووڃي ان وڌيڪ چيو ته تفتيشي آفيسر زير تفتيش تمام ڪيسن جو چالان بروقت لاڳاپيل عدالتن ۾ جمع ڪراين ته جئين انصاف جا تقاضا جلد پورا ٿي سگهن ته جئين جوابدار کي قانوني سزا ڏياري سگهجي ان چيو ته تمام درج ڪيسن جي ميرٽ جي بنياد تي تفتيش ڪئي وڃي داخل ڪيسن ۾ پيش نظر ڊفيڪٽس کي فوري طور تي درست ڪري عدالتن ۾ مقرر وقت تي پيش ڪيو وڃي غفلت ڪندڙ آفيسرن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو پڻ ھدايتون جاري ڪيون ويون ايس ايس پي وڌيڪ هدايتون جاري ڪندي چيو ته پوئينٽ م موبائيل ايپليڪيشن جي ذريعي سموري ضلعي جي انسپيڪٽرن کان ڪانسٽيبلن تائين تمام پوليس آفيسر۽ جوان پنهنجي آن لائين حاضري کي يقيني بڻائين ۽ سنڌ پوليس ۽ آئي ٽي ڊپارٽمنٽ جي پاران تيار ٿيل آن لائين پوليس رڪارڊ ويري فڪيشن سسٽم جي تحت عام پبلڪ پاران درخواستن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون پڻ ايس ايس پي عبدالله ميمڻ پاران جاري ڪيون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو