منشيات فروشن جي فائرنگ ۾ ٻه پوليس اهلڪار فوت

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ منشيات فروشن جي فائرنگ ۾ چڪ واسي پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ واٽهڙو زخمي ٿي پيو. پوليس هڪ جوابدار گرفتار ڪري ورتوآهي. خيابان بخاري ۾ هڪ بنگلي ٻاهران بيٺل ڊبل ڪيبن گاڏي ۾ سوار جوابدارن پوليس اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪئي. شهيد پوليس اهلڪار جي سڃاڻپ چڪ واسي خالد محمود مهرطور ٿي، جيڪو درخشان ٿاڻي تي مقرر هو. خالد جي والد جون ٻه شاديون آهن، هو پنهنجي والده جو اڪيلو پٽ ۽ پنجن ڀيڻن جو ڀاءُ هو. ٽي سال اڳ شادي ڪئي هئائين کيس ٻن سالن جي نياڻي ۽ ستن مهينن جو پٽ آهي، هو گهر جو واحد ڪفيل هو.

 ايس ايس پي پير محمد شاهه جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ استعمال ٿيل ڊبل ڪيبن مالڪ جي گهر ۾ ڇاپو هنيو ۽ گاڏي مان وڏي مقدار ۾ آئيس ۽ ٻي منشيات ملي آهي. هوڏانهن پوليس هڪ جوابدار کي اسپتال مان زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار چيني قونصل خاني تي حملي ۾ پڻ ملوث آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو