منشيات سميت ٻين سماجي برائين خلاف نياڻين جو لانگ مارچ،ڌرڻو

منشيات سميت ٻين سماجي برائين خلاف نياڻين جو لانگ مارچ،ڌرڻو

دڙو (ن سنڌ يار) دڙو ۾ منشيات ۽ ٻين سماجي برائين خلاف سوين نياڻيون، شھري، سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ سول سوسائيٽي روڊن تي اچي وئي، رٽا اسٽاپ کان دڙو تائين 3 ڪلوميٽر پيادل لانگ مارچ، ٽيڪسي اسٽاپ تي 5 ڪلاڪن تائين ڌرڻو، سخت احتجاج، دڙو ۾ منشيات روڪ تحريڪ طرفان ڪيتري وقت کان وٺي ھلندڙ ھيروئن، آئيس، ڪچي شراب ۽ ٻين سماجي برائين خلاف رٽا کان دڙو تائين سوين ماڻھن ٽن ڪلو ميٽرن تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مکُ ٽيڪسي اسٽاپ تي 5 ڪلاڪن تائين احتجاجي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، ڌرڻي ۾ عورتن ٻارن، مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن واپارين ۽ سول سوسائيٽي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي رشيد آزاد، رفيعہ پليجو، ناليواري اديب يوسف سنڌي، عبدالغني ملاح، ايڊووڪيٽ عبدالطيف سومرو، نثار ميمڻ، عثمان سومرو، صحافي آڪاش زنئور، صابو شاھ، اشرف پليجو، اصغر لاکائي، عبدالقيوم سومرو، يوسف ڪنڀار، محمد موسي سومرو، عبدالڪريم پليجو، اقبال سومرو، ڪامريڊ عزيز سومرو، وقاص مھدي، نظام ميمڻ، ڪامريڊ شوڪت سومرو، جبار زنئور، عبدالطيف زنئور، سائين پرويز سميت ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ ايس ايس پي سجاول جي آشرواڌ سان سڄو ضلعو منشيات جو ڳڙھ بنجي ويو آھي، اسانجو نوجوان نسل ھيروئن ۽ آئيس ۽ ٺري جو عادي ٿي ويو آھي، جيڪڏھن اھو زھر بند نہ ٿيو تہ اڻ اعلانيل مدي تائين ڌرڻو جاري رھندو، ان موقعي تي ڊي ايس پي ميرپوربٺورو ايس ايڇ او دڙو ۽ ٻنون مظاھرين وٽ پھچي ٽن ڏينھن اندر منشيات فروشن خلاف وڏي پئماني تي ڪريڪ ڊائون ڪرڻ واري ڪرايل يقين دھاني بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو