ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس ۽ جاچ ڪندڙ ادارن کي ڪيسن ۾ منشيات جون قانوني ۽ تسليم ٿيل اصطلاحون استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.جسٽس فيصل ڪمال عالم ۽ جسٽس امجد علي سهتو منشيات هٿ اچڻ جي ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار افتخار حسين کي نيپيئر ٿاڻي جي حدن مان گرفتار ڪيو ويو ۽ سندس قبضي مان 560 گرام “ويڊ” (Weed) هٿ ڪئي وئي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته گڏيل قومن جي ‘سنگل ڪنوينشن آن نارڪوٽڪ ڊرگز’ ۾ “ويڊ” جي ڪابه قانوني تعريف ناهي، قانون صرف ڪينابس، چرس، ڀنگ، گانجا ۽ ٻين مقرر ڪيل اصطلاحن کي تسليم ڪري ٿو. عدالت وڌيڪ چيو ته ڪيسن ۽ سرڪاري رڪارڊ ۾ لفظ “ويڊ” جو استعمال قانوني ابهام پيدا ڪري ٿو، فوجداري ڪيسن ۾ قانون ۾ موجود ٽيڪنيڪل اصطلاحون استعمال ٿيڻ گهرجن. عدالت هدايت ڪئي ته آئنده ڪنهن به ڪيس ۾ “ويڊ” جهڙي عام ڳالهه ٻولهه واري اصطلاح استعمال نه ڪئي وڃي ۽ هٿ آيل منشيات جي سڃاڻپ ڪيميڪل ايگزامينيشن (کيميائي جاچ) جي مطابق قانوني اصطلاحن سان ڪئي وڃي. عدالت چيو ته چيف سيڪريٽري، آئي جي ۽ ڊي جي اي اين ايف (ANF) آفيسرن کي انتظامي هدايتون جاري ڪن. سنڌ هاءِ ڪورٽ منشيات ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جي 50 هزار رپين جي مچليڪن جي عيوض ضمانت به منظور ڪري ورتي.










