ملڪ ۾ 8 کان 12 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿي پئي:شوڪت ترين

ملڪ ۾ 8 کان 12 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿي پئي:شوڪت ترين

اسلام آباد ( بيورو) اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شوڪت ترين چيو ته اڄ ملڪ ۾ 8 کان 12 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، شهباز شريف ته چيو هو ته پهرين جولاءِ کان لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، هاڻي لوڊشيڊنگ جا ڪهڙا سبب آهن، ڪوئلو ۽ ايل اين جي مهانگي ٿيڻ سبب نٿي گهرائي وڃي.هن چيو ته آر ايل اين جي جا پلانٽ گهٽ ڪيپيسٽي تي هلي رهيا آهن، جيڪڏهن ٻارڻ نه گهرائيندا ته پاور پلانٽ ڪيئن هلندا؟اڳوڻي ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته اسان به ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا هئاسين، اسان هيڏانهن هوڏانهن پئسا پٽي ڪري ماڻهن جي بجلي فراهم ڪندا رهياسين، هي اسان کي نالائق چوندا هئا، جيڪي پاڻ نالائقن جي يونيورسٽين جا هيڊ آهن. ن ليگ حڪومت اوور ڪيپيسٽي اڳ ئي ڪري ڇڏي هئي، هنن امپورٽڊ فيول تي پاوو پلانٽ لڳايا.

پهنجو تبصرو موڪليو