ملڪ ۾ گڏهن جو انگ هڪ لک کان وڌي ويو، اقتصادي سروي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ گڏهن جو انگ هڪ لک کان وڌيڪ وڌي ويو، مجموعي طور تي گڏهن جو انگ 5.8 لک ٿي ويو.اقتصادي سروي رپورٽ 23-2022 ۾ هڪ سال دوران 13 لکن جو اضافو ٿيو، ملڪ ۾ مينهن جو انگ 4 ڪروڙ 37 لک مان وڌي 4 ڪروڙ 50 لک ٿي ويو.هڪ سال ۾ رڍن جو تعداد 4 لک کان وڌي 31.9 ملين مان 32.3 ملين ٿي ويو.سروي موجب ٻڪرين جو انگ 2.2 ملين کان وڌي ويو، ملڪ ۾ ٻڪرين جو انگ 8.25 ملين مان وڌي 8.47 ملين ٿي ويو.رپورٽ موجب گهوڙن، اٺن ۽ خچرن جي تعداد ۾ ڪو به واڌارو نه ڪيو ويو.ملڪ ۾ گهوڙن جو تعداد 4 لک ۽ خچر 2 لک رهيو، جڏهن ته ملڪ ۾ اٺن جو انگ 11 لک رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو