ملڪ ۾  ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو، شرح ساڍا چار سيڪڙو

ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو، شرح ساڍا چار سيڪڙو

اسلام آباد (بيورو)پاڪستان ۾ ڪرونا جي ڪيسن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، مثبت ڪيسن جو انگ 4 سيڪڙو کان وڌي ويو آهي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 18 هزار 305 ٽيسٽ ڪيا ويا جن ۾ 818 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي.صحت کاتي موجب ملڪ ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 4.47 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي جڏهن ته 126 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 4 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو