ملڪ ۾ ڪورونا وگهي 43 مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي 43 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن جنهن کانپوءِ ڪورونا  وگهي فوتين جو مجموعي انگ 20 هزار 792 ٿي ويوآهي جڏهن ته 2 هزار 117 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسز جي مثبت شرح 4.5 رهي، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪل ڪيسز جو تعداد 9 لک 21 هزار 53 ٿي چڪو آهي، جڏهن ته هيل تائين وائرس سان 8 لک 41 هزار 241 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو