ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 70 مريض فوت

ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 70 مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي وڌيڪ 70 مريض فوت ٿي ويا، جنهن بعد وبا وگهي فوتين جو ٽوٽل انگ 17 هزار 187 ٿي ويو، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 4 هزار 825 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن ۽ ڪورونا ڪيسز مثبت اچڻ جي شرح 9.61 رهي، سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 4هزار234 مريض ڪورونا کان صحتاب ٿي ويا، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 6 لک 94هزار034 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو تعداد 2لک78هزار545 ٿي ويو، جڏهن ته 4هزار599 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 2هزار90هزار788 آهي ۽ 7هزار990 ماڻهو وائرس وگهي حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو تعداد 21هزار743 آهي ۽ 232 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، ڪي پي ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 1لک14هزار077 ٿي ويو ۽ 3هزار134 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ، جڏهن ته گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي تعداد 73هزار450 آهي ۽ هن وقت تائين 665 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو