اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ڪورونا وگهي گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 57 مريض فوت ٿي ويا آهن ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو مجموعي انگ 20 هزار 308 ٿي ويو آهي ۽ ڪورونا جا 3 هزار 60 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن .ڪورونا متاثرن جو مجموعي انگ 9 لک 3 هزار 599 ٿي ويو آهي ۽ 8 لک 20 هزار 374 مريض وائرس کان صحتياب ٿي چڪا آهن.










