ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 113 مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس  سبب وڌيڪ 113 فوت ٿي ويا آهن ان کانپوءِ فوتين جو انگ 18 هزار کان وڌي ويو آهي  جڏهن ته وڌيڪ  4 هزار 424 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن هن کان علاوه 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ 5 هزار 193 ماڻهو ڪورونا کان صحتياب ٿي ويا اهن جنهن بعد صحتياب ٿيلن جو تعداد 7 لک 22 هزار 202 ٿي ويوآهي  سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو مجموعي تعداد 2لک84هزار738 ٿي ويو آهي  جڏهن ته 4هزار658 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ڪورونا مريضن جو انگ 3لک04 هزار889 آهي ۽ 8هزار550 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 22هزار528 ۽ فوتين جو انگ 237 ٿي ويو، ڪي پي ڪورونا مريضن جو انگ 1لک19هزار277  آهي ۽ 3هزار350 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن سرڪاري پورٽل موجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي تعداد 75هزار892 آهي ۽ 691 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو