ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 43 فوت 1هزار نوان ڪيس رپورٽ

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 43 فوت 1هزار نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس  سبب هڪ ڏينهن دوران 43 مريض وڌيڪ  فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ گڏيل فوتين جو انگ 11 هزار کان وڌي ويو آهي.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 40 هزار 403 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيسٽن جو انگ 765 لک  02 هزار 380 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ  ۾ وڌيڪ هڪ هزار 927 هاڪاري ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 5 لک 30 هزار 818 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 39 هزار 935، پنجاب ۾ هڪ لک 52 هزار 925، خيبرپختونخواهه ۾ 64 هزار 945، اسلام آباد ۾ 40 هزار 629، بلوچستان ۾ 18 هزار 715، آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 770 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 899 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 35 هزار 063 ٿي ويو آهي.جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 43 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور تي انگ 11 هزار 247 ٿي ويو آهي.اين سي او سي موجب ڪورونا سبب هڪ ڏينهن ۾ هڪ هزار 737 مريض صحتياب ٿيا آهن جنهن کان پوٰءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 4 لک 94 هزار 508 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو