اسلام آباد (بيورو)ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته شرح 3 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ رڪارڊ ڪئي وئي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 13 هزار 412 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 382 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت شرح 2.85 سيڪڙو رهي جڏهن ته 2 مريض وائرس سبب فوت ٿي ويا.اين آءِ ايڇ موجب 87 ڪورونا مريضن جي حالت نازڪ آهي.










