ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 67 مريض فوت ٿي ويا

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 67 مريض فوت ٿي ويا

اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)پاڪستان م ۾ ڪورونا ڪيسن جو تعداد مسلسل گهٽجي رهيو آهي ، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح  4.8 سيڪڙو رهي.پاڪستان ۾ ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽاين سي او سي  جي مطابق ، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 51هزار625 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2هزار482 ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته 67 مريض وائرس سبب فوت ٿي ويا. سرڪاري رپورٽ موجب ، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت واقعن جي شرح 4.8 سيڪڙو رهي.ڪورونا سبب هن وقت تائين 20هزار607 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 9لک13هزار784 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 8لک34هزار566 ماڻهو هن وقت وائرس کان صحتياب ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو