ملڪ ۾ ڪورونا سبب هڪ فوتگي، شرح اڍائي سيڪڙو کان وڌي وئي

ملڪ ۾ ڪورونا سبب هڪ فوتگي، شرح اڍائي سيڪڙو کان وڌي وئي

اسلام آباد)بيورو) گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 2.76 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب 24 ڪلاڪن دوران 13 هزار 439 ڪووڊ ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 371 ماڻهن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي.اين آءِ ايڇ موجب هن وقت تائين ڪورونا ۾ مبتلا 1 مريض فوت ٿي ويو جڏهن ته اڃا تائين 184 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو