ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري وڌيڪ 201 مريض فوت

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري آهن ڪورونا وائرس وگهي  وڌيڪ 201 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن 5 هزار 292 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، سرڪاري پورٽل موجب ڪورونا سبب 17هزار530 ماڻهو فوت چڪا آهن ۽ مجموعي ڪيسن جو تعداد 8 لک 10هزار231 تائين پهچي ويو آهي  جڏهن ته فعال ڪيسز جو تعداد 88هزار207 آهي، ان کان علاوه 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 4هزار678 مريض صحتياب ٿي ويا آهن مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 7 لک 44هزار94 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 2لک80هزار356 ٿي ويو جڏهن ته 4هزار624 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾  ڪورونا مريضن جو انگ 2لک96هزار144 آهي ۽ 8هزار224 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو تعداد 21هزار945 آهي ۽ هيل تائين 233 مريض فوت ٿي چڪا آهن، سرڪاري پورٽل موجب ڪي پي ۾ ڪورونا ۾ مريضن جو انگ 1لک15هزار596 ۽ 3هزار201 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي تعداد 74هزار131 آهي ۽ هيل تائين 675 مريض موت جو شڪار ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو