ملڪ ۾ ڊالرن جي کوٽ، آءِ پي پيز جون ادائگيون بند

ملڪ ۾ ڊالرن جي کوٽ، آءِ پي پيز جون ادائگيون بند

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڊالر جي کوٽ سبب آءِ پي پيز کي ادائگيون بند ٿي ويون آهن.سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي ذريعن موجب سي پيڪ تحت چائنيز انڊيپينڊنٽ پاور پلانٽس (آءِ پي پيز) جا بقايا هڪ ارب ڊالر تائين پهچي ويا آهن. سي پي پي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته سي پيڪ تحت ساهيوال، پورٽ قاسم ۽ حب ۾ ڪوئلي تي هلندڙ پاور پلانٽس لڳايا ويا آهن، چين جي ڪوئلي تي هلندڙ پاور پلانٽس جون ادائيگيون بند ٿي ويون آهن، جڏهن ڊالر نه آهن ته ادا ڪيڏانهن ڪريون.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪوئلي تي ٻڌل آءِ پي پيز کي ادائيگيون نه ٿيڻ سبب درپيش مشڪلاتن کان کين آگاهي آهي، ڊالر ملڻ سان ئي صورتحال بهتر ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو