ملڪ ۾ ٿڌ جي نئين لهر، ڌنڌ، بارش ۽ 26 تي سج گهرڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته سائيبريا جي ٿڌ ۽ هوائن جو سلسلو پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ وارو آهي، اترين علائقن، خيبرپختونخوا، اسلام آباد ۽ پنجاب جي ڪجهه شهرن ۾ بارش جو به امڪان آهي. بلوچستان کان بارشن ۽ هوائن بعد وڌيل ٿڌ جي لهر ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڌڻ جو امڪان آهي ۽ 28 ڊسمبر تائين ٿڌ جي اها لهر برقرار رهندي. ڪراچي ۾ 22 ڊگري وارو ٽيمپريچر 10 ڊگري تائين ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ منفي هڪ سينٽي گريڊ تائين ٽيمپريچر ڪرڻ جو امڪان آهي. ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ڌنڌ ۽ هلڪي بارش ۽ ڳڙي جو به امڪان آهي. ياد رهي ته موسميات کاتي 26 ڊسمبر تي سج گهرڻ جي پيشگوئي به ڪئي آهي جيڪا صبح ساڍي ستين کان منجهند هڪ وڄي 6 منٽ تائين جاري رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو