شهدادڪوٽ( ن سنڌيار) شهدادڪوٽ جي آبادگار ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ڪاري رنگ جي چانور جي فصل جي پوکي شروع ڪري ڏني. سنڌ آبادگار بورڊ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري جنيد جروار پنهنجي زرعي فارم ۾ ڪاري چانور جي ٻج جي پوکي ڪري زراعت ۾ انقلابي تبديلي طرف قدم وڌايو آهي. ان حوالي سان جنيد جروار دعوا ڪئي آهي ملڪ ۾ پهريون ڀيرو سندس ڪاري چانور جي فصل جي پوکي شروع ڪئي آهي هن جو چوڻ هو ته جديد سائنس مطابق ڪاري چاور ۾ اينٽي آڪسيڊنٽس، فائٽو ڪيميڪلز ۽ جامني اينٿوسائيانين جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي جنهن جي ڪري پوري دنيا ۾ ڪاري چانور جو استعمال وڏي تيزي سان وڌي رهيو آهي هن چيو ته خطي ۾ چين کان بعد سڀ کان پهريون ٿائيلينڊ ۾ هن فصل جي پوکي شروع ڪئي وئي ۽ پو فلپائين ، انڊيا ۾ به هن ڪاري چانور جي پوکي جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عام چانور جي نسبت ڪاري چانور جي قيمت ۾ تمام وڏو فرق آهي. جنهن ڪري اسين به نه صرف ڪاري چانور جي سَڌي سئين فروخت ڪري سگهون ٿا پر هن مان اينٿوسائيانين، ايڪسٽريٽ ڪري وڌيڪ اگھ ۾ کپائي وڌيڪ فائدو وٺي سگهجي ٿو.










