ملڪ ۾ ٻوڏ واري صورتحال قومي ايمرجنسي قرار

ملڪ ۾ ٻوڏ واري صورتحال قومي ايمرجنسي قرار

اسلام آباد(بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ملڪ ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نيشنل ايمرجنسي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.مريم اورنگزيب چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ آيل غير معمولي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي جذبي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ٻوڏ متاثرن لاءِ قوم خاص ڪري پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي امداد جي ضرورت آهي، وڏي پئماني تي آفت جي ڪري وڏي رقم جي ضرورت پوندي. . هن چيو ته وفاقي حڪومت صوبن جي سهڪار سان بهترين ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ وسيلن کي متحرڪ ڪيو پيو وڃي، تيز برساتن ۽ سخت ٻوڏ سبب امدادي ڪمن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، عوام جي مدد سان ريسڪيو ۽ رليف جو عمل مڪمل ٿي رهيو آهي. متاثرين کي وڌيڪ تيز ڪري سگهجي ٿو. سڌ سماءَ واري وزير وزيراعظم فلڊ رليف اڪائونٽ 2022 جا تفصيل جاري ڪندي ان ۾ عطيو جمع ڪرائڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته ڏکايل شهري اسان جي مدد جا منتظر آهن، اچو ته سڀ گڏجي سهڪار ڪريون، سمورن ڪمرشل ۾ ڪيش ۾ به عطيو جمع ڪرائي سگهجي ٿو. بئنڪون آهن مريم اورنگزيب موجب عطيو اڪائونٽ (وزيراعظم رليف فنڊ اڪائونٽ 2022 اڪائونٽ نمبر G-12164) ۾ جمع ڪرائي سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو