اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) پاڪستانپاڪستان ۾ ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ جي مطابق ، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 2هزار475 ماڻهون ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته 58 وڌيڪ مريض وائرس سبب فوت ٿي ويا آهن.سرڪاري پورٽ موجب ملڪ ۾ ڪورونا فوتين جو ڪل تعداد 10هزار105 تي ٿي چڪو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل تعداد 4لک79هزار715 تائين پهچي ويو آهي جن مان فعال ڪيسن جو تعداد 34537 آهي.ان کان علاوه سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 4هزار960 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي چڪا آهن ، صحتياب ٿيندڙ مريضن مجموعي تعداد 4لک35 هزار073 ٿي ويو آهي.سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک 14هزار425 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته فوت ٿيندڙ جو ڪل تعداد 3هزار533 ٿي چڪو آهي.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک37هزارٿي چڪو آهي 949 ٿي چڪوآهي ۽ 4 هزار013 مريص وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 18هزار148 آهي ۽ فوتين جو تعداد 183 ٿي چڪو آهي.خيبر پختون خواهه ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 58هزار 379 ٿي چڪو آهي ۽ ڪورونا سبب فوتين جو ڪل تعداد 1هزار 638 ٿي چڪو آهي جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار256 ماڻهون ڪورونا کان متاثر ٿياآهن ۽ 221 مريض ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن.ان کان سواءِ گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 4هزا856 ٿي چڪو آهي ۽ 101 مريص ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 37هزار702 ٿي چڪو آهي ۽ هن وقت تائين 416 مريض فوت ٿي چڪا آهن.










