ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف سنڌ هاري ڪاميٽي جو احتجاج

ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف سنڌ هاري ڪاميٽي جو احتجاج

اسلام ڪوٽ (صادق بجير) سنڌ هاري ڪاميٽي جي سڏ تي ملڪ ۾ مهانگائي خلاف ڪامريڊ گلاب پيرزادو، ڪامريڊ امداد قاضي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اسلام ڪوٽ کان ريلي ڪڍي ويئي ريلي مختلف روٽن جو گشت ڪندي ٻيهر نشنل بئنڪ وٽ پهچي ختم ٿي. ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آهي ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ سخت پريشان آهن ملڪ جا حڪمران عياشيون ڪرڻ ۾ پورا آهن ڪڻڪ اُپائيندڙ سنڌ ۾ به اٽي جي کوٽ پيدا ٿي ويئي آهي عوام جو مهانگائي جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ٿر ۾ ماڻهو بکن عيوض خودڪشيون ڪري رهيا آهن تبديلي جو راڳ آلاپيندڙ به ناڪام ٿي ويا آهن. سنڌ جي حڪمرانن ڀينگ ڪري ڇڏي آهي ماڻهن کي ڪُتن جي چڪ واري وئڪسين نه ٿي ملي،کنڊ اٽو سڀ مهانگا ڪيا ويا آهن ڪو به قانون ناهي. سنڌ ۾ اقليتي برادري سان زيادتيون ٿي رهيون آهن روز نياڻين کي اغواڪري زوري مذهب تبديل ڪرايو ٿو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو