اسلام آباد (رپوررٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم جي مذهبي معاملن واري خاص صلاحڪار حافظ طاهر اشرفي چيو آهي ته هن سال سموري پاڪستان ۾ هڪ ئي ڏينهن رمضان المبارڪ ۽ هڪ ئي ڏينهن عيد ملهائڻ جو اعلان ڪنداسين.حافظ طاهر اشرفي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڪٿي به مسجدن يا مدرسن جي رجسٽريشن ملتوي ناهي ڪئي وئي. حڪومت ڪنهن مدرسي يا مسجد تي قبضو ناهي ڪري رهي پر اڄ مدرسا ۽ مسجدون پهريان کان وڌيڪ محفوظ آهن. هن چيو ته مسجد ۾ فاصلو تقريبن هر جڳهه تي موجود آهي. رمضان المبارڪ ۾ به احتياطي تدبيرن جو خيال رکيو ويندو.گذريل سال جي ڪورونا ايس او پيز تي هن ڀيري به عمل ڪيو ويندو. عبادت ۽ احتياط گڏوگڏ هجڻ گهرجن. هن چيو ته سموري ملڪ جي مسجدن ۽ مدرسن ۾ ايس او پيز تي عمل ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ ڪنهن مسجد يا مدرسي کي بند نه پيو ڪيو وڃي.هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم جي خاص نمائندي چيو ته رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس هن ڀيري پشاور ۾ ٿي رهيو آهي. رويت تي اتفاق جي لاءِ اجلاس پشاور ۾ گهرايو ويو آهي. هن ڀيري هڪ ئي ڏينهن رمضان ۽ هڪ ئي ڏينهن عيد جو اعلان ڪنداسين.










