ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي جي شرح 41 سيڪڙو کان به وڌي وئي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائي جي شرح 41.07 سيڪڙو ٿي وئي آهي. شماريات کاتي موجب هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ معمولي گهٽتائي جنهن سبب مهانگائي جي شرح 0.30 سيڪڙو گهٽ ٿي. جڏهن ته هڪ هفتي دوران 32 عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي.شماريات کاتي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هفتيوار مهانگائي جي گڏيل شرح 41.07 سيڪڙو جي سطح تي پهچي وئي آهي. مهانگائي سبب سڀني کان وڌيڪ وچولو طبقو متاثر ٿيو آهي جڏهن ته 44 هزار کان وڌيڪ ماهوار پگهار کڻندڙ طبقي جي لاءِ مهانگائي جي شرح 42.42 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.شماريات کاتي موجب اٽو، گيهه، کنڊ، تازو کير، ٻڪري جو گوشت، چانور ۽ لوڻ سميت هلندڙ هفتي دوران 32 عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو. 8 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي جڏهن ته 10 ۾ استحڪام رهيو.شماريات کاتي موجب هڪ هفتي دوران اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت وڌي 1705 روپيه ٿي وئي. گيهه، ماش جي دال، مسور جي دال، چانور ۽ لوڻ جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو جڏهن ته بصر 22 روپيه، ٿوم 19 روپيه في ڪلو ۽ آنا 16 روپيه في درجن سستا ٿيا.

پهنجو تبصرو موڪليو