ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ جيترا ايونٽ ٿين ٿا ايترا ٻئي ڪنهن صوبي ۾ نه ٿيا آهن، سنڌ گذريل 15 سالن ۾ گهڻو ڪم ڪيو آهي جنهن سبب هيءَ صوبو سڀني جي نظرن ۾ رهندو آهي، بدتميزي اسان سکي ناهي پر اسان سڀني کي ڀاڪر پاتو جيڪي هن ڌرتيءَ جي شان آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي اهتمام هيٺ 15هين عالمي اردو ڪانفرنس 2022ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير عالمي اردو ڪانفرنس ۾ شريڪ ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جنهن کي صوفين جي ڌرتي سڏيو ويندو آهي ۽ هتان رڳو امن جو پيغام ويو آهي. هن چيو ته سنڌ جي عوام پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪيو جنهن جي ڪري اڄ اسان کي هي پيارو ملڪ مليو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هڪ ٽولو چوي ٿو ته هاڻي مرڻ نه پر مارڻ لاءِ اسلام آباد ويندا ته کين آئون چوان ٿو ته اهي ٻيهر مارائڻ واري ڳالهه پيا ڪن. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ هر پاسي بدتميزي وارو ماحول بڻيل آهي پر جيتري به ڪوشش ڪريو اسان کان بدتميزي نٿي پڄي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن هميشه سڀني جو ڀلو سوچين ٿا ۽ اهو نه رڳو اسان جي رت ۾ پر هن ڌرتيءَ جي پاڻي ۽ مٽيءَ ۾ شامل آهي ۽ جيڪو به ٿوري وقت لاءِ گمراهه ٿيو اهو واپس موٽي ايندو آهي. سنڌ جي وڏي وزير شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ بابت ٻڌايو ته اسان گذريل 15 سالن ۾ گهڻو ڪم ڪيو آهي، جنهن ۾ ثقافت کاتو به اچي ٿو وڃي ۽ اسان جي ليڊر ذوالفقار علي ڀٽي سڀ کان پهرين ثقافت واري وزارت شروع ڪئي جنهن کي اسان ڪڏهن به نه وسارينداسين. هن صحت کاتي بابت ٻڌايو ته دنيا جي 27 ملڪن ۾ ڪينسر جي مفت علاج جي سهولت موجود آهي جنهن ۾ اسان به شامل آهيون ۽ پاڪستان ۾ اها سهولت رڳو سنڌ اندر ڪراچي ۾ موجود آهي. ڪينسر جي علاج جو پورو خرچ 60,000 ڊالر کان 120000 ڊالرن تائين آهي ۽ اسان اها سهولت مفت ۾ فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جنهن سنڌو درياءَ تي ٻه پل ٺاهيا آهن، سنڌ واحد صوبو آهي جنهن ٿر – اسلام ڪوٽ ۾ ايئرپورٽ ٺاهيو آهي جڏهن ته وفاقي حڪومت هر هنڌ ايئرپورٽ اڏائيندي آهي. هن چيو ته اسان سڀني کي هڪ آئين تحت ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي پر هڪ پارٽي آزمائش مان گذرڻ چاهي ٿي، ٻڌو اٿم ته اسيمبلي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن انهن کي آئون چوان ٿو ته اسيمبلي نه ٽوڙجي ته سٺو آهي پر جيڪڏهن اسيمبلي ٽوڙڻ چاهيو ٿا ته اهو اڃان به بهتر آهي. هن چيو ته جيڪڏهن توهان کي اها آزمائش ڪرڻي آهي ته پوءِ شوق سان ڪريو. هن چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جنهن ٽرانسميشن ڪمپني ٺاهي ۽ اهوئي سبب آهي جو سنڌ هميشه سڀني جي نظرن ۾ رهيو آهي. هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جو اسان جو منصوبو ڪامياب ويو آهي جنهن سان 3 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. اڄ کان 10 سال اڳ ڪنهن کي يقين نه هو ته هن منصوبي مان لاڀ حاصل ٿي سگهندو. هن چيو ته ان کان علاوه اسان سولر انرجي جي منصوبن تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهيون. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جيترا ايونٽ اسان وٽ ٿيندا آهن ڪنهن ٻئي صوبي ۾ نه ٿيا هوندا جنهن تي آئون چيلينج به ڪريان ٿو. سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بابت چيو ته هوءَ ان وقت ۾ پرڏيهي وزير ٿيو جڏهن ڪوبه اسان سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هو ۽ ننڍي ڄمار ۾ پرڏيهي وزير ٿيو جهڙي ريت سندس نانو ننڍي عمر ۾ وفاقي وزير ٿيو هو. وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن اسان اهڙي ريت ڪم ڪندا رهياسين ته انشاءَ الله پاڪستان کي اڳتي وٺي وينداسين.










