اسلام آباد)بيورو) اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ملڪ ۾ نين چونڊن تي معاملا طئه ٿي ويا آهن، قوم چونڊن جي تاريخ، نين چونڊن ۽ نگران حڪومت بابت جلد فيصلو ٻڌندي عوامي مسلم ليگ جي سربراھ شيخ رشيد وڏي دعويٰ ڪندي چيو آھي ته ملڪ ۾ ضمني الڪيشن بدران نيون چونڊون ٿينديون ۽ معاملا طئي ٿي ويا آھن، قرنطينه وارن چونڊن جي ڳالهه مڃي ورتي آهي، رڳو فضل الرحمان رهجي ويو آهي سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته آڪٽوبر ۾ اليڪشن جي تاريخ، نئين اليڪشن ڪميشن، نگران حڪومت جو فيصلو قوم جلد ٻڌندي










