نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪستان ۾ صحافت تي پابندي ناهي ۽ نه ئي اهڙن واقعن ۾ اسٽبلشمينٽ ملوث آهي.آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا آمريڪا جي دوري دوران پاڪستاني سفير جي رهائشگاهه تي ڪوٺايل خاص تقريب کي خطاب دوران هڪ سوال جو جواب ڏيندي آرمي چيف چيو ته پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ صحافين سان غيرمناسب ورتاءُ يا ملڪ ۾ صحافت کي محدود ڪرڻ ۾ ملوث نه آهي، صحافت جي آزادي تي ڪائي پابندي نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن اڻوڻندڙ واقعي ۾ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ڪو ڪردار آهي.آرمي چيف وڌيڪ چيو ته اسان آمريڪا ۽ چين سميت هر ملڪ سان سٺن ۽ آزاداڻن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون.










