اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ پگهار ملندي آهي.اهڙو انڪشاف پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس (پي اي سي) اجلاس ۾ ڪيو ويو.چيئرمين پي اي سي نور عالم خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ صدر، وزيراعظم ۽ ججن جي مجموعي پگهارن جا تفصيل پيش ڪيا ويا.ان موقعي تي انڪشاف ڪيو ويو ته چيف جسٽس جي پگهار وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن کان وڌيڪ آهي.چيئرمين پي اي سي نور عالم خان تفصيل پڙهي ٻڌايو ته صدر جي پگهار 8 لک 96 هزار 550 رپيا آهي.وزيراعظم جي پگهار 2 لک 1 هزار 574 رپيا، وفاقي وزير جي پگهار 3 لک 38 هزار 125 رپيا، قومي اسيمبلي جي ميمبر جي پگهار 1 لک 88 هزار رپيا آهي، جڏهن ته وڏي وزير جي پگهار 1 لک 88 هزار رپيا آهي. جسٽس آف پاڪستان 15 لک 27 هزار 399 رپيا آهي.چيئرمين پي اي سي چيو ته سپريم ڪورٽ جي جج جي پگهار 14 لک 70 هزار 711 رپيا آهي، گريڊ 22 جي وفاقي آفيسر جي پگهار 5 لک 91 هزار 475 رپيا آهي.نور عالم خان چيو ته انهن سمورن آفيسرن جون مراعتون ان کان علاوه آهن.











