ملڪ ۾ سياست هاڻي دشمني ۾ تبديل ٿي وئي: مفتاح

ملڪ ۾ سياست هاڻي دشمني ۾ تبديل ٿي وئي: مفتاح

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ملڪ ۾ سياست هاڻي دشمني ۾ تبديل ٿي وئي آهي.”پاڪستان جو مالي بحران ۽ اڳتي جو رستو“ جي موضوع تي ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته سياستدانن، عدليه ۽ فوج کي گڏجي بحران جو حل ڳولڻو پوندو.هن چيو ته 25 هزار رپيا ماهوار پگهار گهٽ آهي، ان کي مهانگائي جي تناسب سان وڌائڻ جي ضرورت آهي. مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته عمران خان کي 190 ملين پائونڊ جو حساب ڏيڻو پوندو.اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو ته جن مون کي جيل ۾ وڌو انهن کي خبر آهي ته مان بيگناهه آهيان.هنن چيو ته مون تي پارٽي جي اعليٰ قيادت پاران دڪاندارن تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، اعتراف ڪيو ته دڪاندارن تي ٽيڪس نه لڳايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو