ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ 300 رپين جي گهٽتائي ٿي وئي آهي.سنڌ صرافه بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ سون جو اگهه 300 رپيا في تولو گهٽجي 141400 رپيا ٿي ويو آهي.سون جي 10 گرام جو اگهه 257 رپين جي گهٽتائي سان 121228 رپيا ٿي ويو آهي.سنڌ بارٽر بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت ۾ 4 ڊالر جي گهٽتائي سان 1807 رپيا في اونس ٿي وئي آهي.










