ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملڪ ۾ ڊالر کانپوءِ سون جو اگهه ۾ تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.اڄ ملڪ ۾ في تولو سون 4 هزار نو سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک پنجانوي هزار پنج سئو رپين جو ٿي ويو آهي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون 4201 رپيا واڌ بعد هڪ لک 67 هزار 610 رپين جو ٿي ويو آهي.هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي ملهه 11 ڊالر واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد سون جي نئين قيمت 1936 ڊالر في اونس آهي.










