ملڪ ۾ دوائن جا اگهه نه گهٽيا ، اڪثر شهرن ۾ دوائون ناياب

ملڪ ۾ دوائن جا اگهه نه گهٽيا ، اڪثر شهرن ۾ دوائون ناياب

لاهور(ويب ڊيسڪ)ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ دوائن جي سپلاءِ ۽ قيمتون معمول تي نه اچي سگهيون.لاهور جي بازارن ۾ بخار جي دوائن کانپوءِ ڪينسر سميت ڪيترن ئي بيمارين جون دوائون اڻلڀ ٿي ويون آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ بخار، جسم جي سور، ڊينگي ۽ مليريا سميت ڪيترن ئي بيمارين جون دوائون اڻلڀ ٿي ويون آهن.دڪاندارن جو چوڻ آهي ته دوائن جي ڪمپنين پاران سامان فراهم نه ڪيو پيو وڃي، بخار، جسم جي سور، سر درد سميت ڊينگي ۾ استعمال ٿيندڙ دوائون به دستياب ناهن.دڪاندارن جو چوڻ آهي ته دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنيون وڌيڪ اسٽاڪ ٻوڏ متاثرن لاءِ منتقل ڪري رهيون آهن، جنهن ڪري مارڪيٽ ۾ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.ٻئي طرف دڪاندارن موجب ڪيترائي دڪاندار مهانگي اگهه تي دوائون وڪرو ڪري منافعو ڪمائي رهيا آهن.ان سلسلي ۾ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي ڪيترن ئي گودامن تي ڇاپو هنيو جنهن ۾ وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو