ملڪ ۾ بجلي جي طلب روزاني 30 هزار ميگاواٽ کان وڌي وئي:خرم

ملڪ ۾ بجلي جي طلب روزاني 30 هزار ميگاواٽ کان وڌي وئي:خرم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير چيو آهي ته ملڪ ۾ بجلي جي طلب روزاني 30 هزار ميگاواٽ کان وڌي وئي آهي. هڪ بيان ۾ خرم دستگير چيو ته نيپرا بجلي جي قيمتن ۾ 7 رپيا 90 پئسا في يونٽ واڌ جي سفارش ڪئي آهي ۽ هي ٽيرف ٽن مرحلن ۾ وڌايو ويندو. بجلي بحران جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي طلب روزاني 30 هزار ميگاواٽ کان وڌي وئي آهي. ٻئي طرف پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته روسي خام تيل جي خريداري بابت ريفائنريز کي جواب مليو آهي، ڪجهه چيو آهي ته روسي تيل کي ريفائن ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪجهه چيو آهي ته ائين نٿو ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو