ملڪ ۾ اڄ سون مهانگو ٿي ويو

ملڪ ۾ اڄ سون مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي.سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب 12 سئو رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 56 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.اهڙي ريت 10 گرام سون 1028 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 33 هزار 916 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 8 ڊالر واڌ سان 1675 ڊالر في اونس آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو