ملڪ ۾ آءِ ٽي ايڪسپورٽ وڌائڻ جو فيصلو،پيڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت

ملڪ ۾ آءِ ٽي ايڪسپورٽ وڌائڻ جو فيصلو،پيڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي آءِ ٽي ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ وڏو فيصلو ڪري ورتو، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ جي آءِ ٽي لاءِ وڏو پيڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي،وزيراعظم جي صدارت هيٺ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام بجيٽ تجويزن تي اجلاس ٿيو،وزيراعظم آءِ ٽي شعبي ۾ نوان ڪاروبار شروع ڪرڻ وارن کي خصوصي مراعتون ڏيڻ جي اصولي منظوري ڏني.جديد ٽيڪنالاجي ۽ آئي ٽي ذريعي ڪاروبار ۽ واپار جي فروغ لاءِ خاص رعايتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.نوجوانن کي آئي ٽي شعبي ۾ ڪاروبار شروع ڪرڻ جي حوصلا افزائي تي ٻڌل قدمن جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ نوجوانن کي آئي ٽي ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ ۾ ماهر بڻائڻ جي پروگرام جي به منظوري ڏني وئي.وزيراعظم شهباز شريف اسپيشل ٽريننگ آءِ ٽي زونز ٺاهڻ جي فيصلي جي به منظوري ڏئي ڇڏي.وزيراعظم چيو ته حڪومت آءِ ٽي جي شعبي ۾ نوجوانن جي پروفيشنل ٽريننگ تي تمام گهڻو پئسو خرچ ڪندي، هن وقت ملڪ ۾ 45 هزار نوجوانن کي آءِ ٽي اسڪل ٽريننگ ڏني پئي وڃي.وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم فڪسڊ ٽيڪس ريگيم آڻڻ جو وڏو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.هن فڪسڊ ٽيڪس ريگيم لاءِ فوري سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ ميرٽ تي هڪ لک نوجوانن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪندي.هن چيو ته ڪورونا جي وبا دوران نوجوانن ليپ ٽاپن سان ملڪ ۾ پرڏيهي مٽا سٽا آندو، آءِ ٽي ڪمپنين کي ٽيڪس مراعتون يقيني بڻايو ويندو.وزيراعظم ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ جي آءِ ٽي بابت سفارشون شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.هن آءِ ٽي شعبي جا روڊ شو ٻاهرين ملڪن ۾ منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي.وزيراعظم آءِ ٽي شعبي کي ايندڙ سال برآمدات 4.5 بلين ڊالر تائين وڌائڻ جو هدف ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو